ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي، گلشن ڪيمپس ڪراچي جي بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي جي صدر ڊاڪٽر نورين حسن ۽ ليڪچرار آصف الله پيرزادا جي نگراني ۾ ان لاڪنگ دي پاور آف ڊجيٽل مارڪيٽنگ اسٽريٽجيز جي موضوع تي سيمينار ٿي گذريو.
سيمينار ۾ مقرر مهمانن ۾ مقبول ٽريننگ ڪنسلٽنٽ آفاق احمد ۽ سيده عاليا فاطما رضوي به شامل هيون.
پروگرام کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نورين حسن ۽ ڊاڪٽر ثمرا ضمير، ڊپٽي ڊائريڪٽر اڪيڊمڪس ڊجيٽل ڪنيڪٽيويٽي جي اهميت ۽ اڄوڪي دور ۾ ان جي هاڪاري اثرن تي روشني وڌي.
مقررن مجموعي انٽر ايڪٽو سيشن ۾ ان ڳالهه تي ڌيان ڇڪايو ته ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي حڪمت عملين جي طاقت کي سمجهڻ استادن، شاگردن ۽ ملازمن لاءِ ڪيترو اهم آهي، ڇو ته هي ڪيريئر جي موقعن، مهارت وڌائڻ ۽ پيشيوراڻي ترقي ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو، مسابقتي سرسي ڏئي ٿو، پيداواري صلاحيت کي وڌائي ٿو جڏهن ته تخليقي صلاحيتن، ڊيٽا تي ٻڌل فيصلي سازي کي هٿي ڏئي ٿو.
ڊجيٽل مارڪيٽنگ کي سمجهي ماڻهو هڪ مضبوط آن لائن موجودگي ۽ نيٽ ورڪ کي اثرائتي طريقي سان قائم ڪري سگهن ٿا، ڪاروباري نتيجن کي اڳتي وڌائي سگهن ٿا، اڄوڪي تيز رفتار ڊجيٽل منظرنامي سان رابطي ۾ رهي سگهن ٿا.
سيشن ۾ شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.