آمريڪي فنڪارا نڪي مناج منشيات رکڻ جي الزام ۾ گرفتار

مشهور آمريڪي فنڪارا نڪي مناج کي منشيات رکڻ جي الزام ۾ ايمسٽرڊيم ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو.
مشهور ريپر انگلينڊ جي شهر مانچسٽر ۾ ڪانسرٽ لاءِ رواني ٿيڻ واري ه.ي ته نيدرلينڊ پوليس سندس ٿيلي مان ڀنگ هٿ ڪري ورتي.
فنڪارا ايڪس تي پوسٽ ڪري ٻڌايو ته هو مانچسٽر ۾ ڪانسرٽ لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻ واري هئي ته کيس ايمسٽرڊيم ايئرپورٽ تي روڪي ورتو.
پوسٽ موجب پوليس فنڪارا کي ٻڌايو ته سندس ٿيلي مان ڀنگ ملي آهي، جنهن جو وزن ڪيو ويندو.
ياد رهي ته نيدرلينڊ ۾ ڀنگ غيرقانوني آهي، پر تفريحي مقصد لاءِ معمولي مقدار ۾ استعمال جي اجازت آهي، هڪ ڄڻو صرف 5 گرام ڀنگ رکي سگهي ٿو.
America Singer NakiManaj

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.