ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) شهيد نصرالله گڏاڻي جي ماءُ دانهيندي چيو آهي ته اسان سان ظلم ٿي ويو، قهر ٿي ويو، پٽ جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن.
تڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي شهيد جي امڙ چيو ته منهنجا ٽي پٽ آهن، ننڍو بيمار آ، وڏو پٽ موالي آ، نصرالله ڪم جو هو.
هن چيو ته نصرالله کي پنهنجو گهر ڪو نه هيس، ڀاءُ جي گهر ۾ رهندو هو، سندس ٻارڙا ٿانوَ کڻي مامن چاچن کان ڀاڄي وٺندا هئا.
#JusticeForNasrullahGadani #BhotarMyFoot #ShaheedNasrullahGadani