ناروي، آئرلينڊ ۽ اسپين پاران فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان

ٽن اهم يورپي ملڪن، ناروي، آئرلينڊ ۽ اسپين فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ناروي جي وزيراعظم جونس گار اسٽور جو چوڻ آهي ته فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو مقصد ٻين ملڪن کي پيغامن ڏيڻ آهي.
وزيراعظم جونس گار فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري فيصلي جي تصديق ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ فلسطيني رياست طور کي قبولڻ کانسواءِ امن قائم نٿو ٿي سگهي.
آئرلينڊ جي وزيراعظم سيمون هيرس به فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته آئرلينڊ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندو.
اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سينشز پارليامينٽ مان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي ٺهراءُ جي منظوري جي آجيان ڪندي چيو ته هو ڪيئي سببن جي بنياد تي فلسطيني رياست کي تسليم ڪري رهيا آهن، جنهن مختصر طور ٽن لفظن، امن، انصاف ۽ مستقل مزاجي ۾“ ذريعي بيان ڪري سگهجي ٿو.
هن وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اسان کي ٻه رياستي حل کي عزت ڏيڻي پوندي ۽ ان معاملي تي گڏيل سيڪيورٽي به ضروري آهي، انڪري ضروري آهي ته ٻئي ڌريون امن لاءِ ڳالهين جي شروعات ڪن ۽ اِهو ئي فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو ڪارڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته اسپين 28 مئي تي فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندو جڏهن ته نارروي جي وزيراعظم به 28 مئي تي باظابطا طور فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٻئي پاسي اسرائيل جي قومي سلاميتي جي وزير بن گوير مسجد اقصيٰ جو دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مسجد اقصيٰ جو دورو ٽن يورپي ملڪن طرفان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو ردعمل ڪيو ويو .
بن گوير چيو ته اسرائيل فلسطيني رياست بابت بيان ڏيڻ جي به اجازت نه ڏيندا.
هوڏانهن اسرائيلي پرڏيهي وزيرموجب، آئرلينڊ ۽ ناروي مان پنهنجي سفيرن کي واپس گهرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ياد رهي ته گذريل سال آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جارحيت ۾ هنيئر تائين 35 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 80 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
Ireland Norway Spain Palestinian state

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.