سنڌ اسيمبلي ۾ لوڊشيڊنگ تي احتجاج، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو خلاف ٺهراءُ منظور

ڪراچي(رپورٽ: محمدعلي نقرچ) سنڌ اسيمبلي اجلاس۾ِ بجلي فراهم ڪندڙڪمپنين حيسڪو سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۽ پينو فقيرن خلاف ڪارروائي کانسواءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ امدادي رقم وڌائڻ بابت 3 ٺهراءَ منظور ڪيا ويا، پ پ ايم پي اي هير سوهو اسپيڪر جي اجازت سان ترميمي ٺهراءَ پيش ڪندي چيو ته حيسڪو سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ عوام  کي بجلي فراهم ڪرڻ بدران آزاري رهيا آهن، وڏي پئماني تي لوڊشيڊنگ سان گڏ اضافي بل به موڪيا وڃن ٿا، ان ڪري وفاق سان رابطو ڪري اهڙن ادارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ان دوران جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق به ٺهراءَ پيش ڪرڻ لاءِ  اجازت گهري پر کيس اجازت نه ملي جنهن تي مخالف ڌر ميمبر سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ ضياءَ الحسن لنجار سان اٽڪي پيا، ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو، سنيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ  ڪير نه ٿوڳالهائي سگهي، جيڪو ڳالهائي پهرين رول ڪوڊڪري، ان بعد  ٺهراءَ تي ڳالهائيندي  سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام  ميمڻ  چيو ته  وفاقي سرڪار کي ميڙ منٿ ڪري ٿڪجي پيا آهيون ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪري بجلي سپلائي ڪندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هن چيو ته بجلي سپلائي ڪندڙ ادارا ملڪ جا نااهل ترين ادارا بڻجي چڪا آهن، 22 ڪلاڪ بجلي نه ٿي ملي، ڳوٺن ۾ ته مهينن جا مهينا ٽرانسفارمر ئي لاهي وڃن ٿا، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڳوٺن ۾ حيسڪو ۽ سيپڪو وارا بل نه پيارڻ جو بهانو بڻائي ٽرانسفارمر ئي لاهي کڻي وڃن ٿا جنهن ڪري مهينن جا مهينا ڳوٺاڻا بجلي کان محروم هجن ٿا. هن چيو ته آئين تحت هڪ جي سزا سڀني کي نه ٿي ڏئي سگهجي، بجلي ڏيندڙ ادارن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، انهن خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ گهرجي، ايم پي اي فاروق اعواڻ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي هاڻي مذمت نه مرمت جي ضرورت آهي، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ چند ماڻهن جي بل نه پيارڻ کي بهانو بڻائي ان جي سزا پوري علائقي کي ڏني پئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ گڏيل سزا جو نظام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن چيو ته ٿيڻ ائين گهرجي ته ڪي اليڪٽرڪ آفيس ۾ داخل ٿي، بجلي بند ڪري انتظاميا کي گرمي ۾ ويهاريو وڃي ته کين پتو پئجي ويندو.ان کان اڳ اياز شاهه شيرازي، شبير قريشي، سڪندر شورو، ياسمين شاهه، راشد خان، محمد فاروق، سربلند خان ۽ ٻين ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته بجلي نه هجڻ سبب هيٽ ويو ۾ عوام عذاب ڀوڳي پيو، بجلي ڏيندڙ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر نه آهي، ان ڪري صنعتون به متاثر ٿي  ويون آهن، هنن وفاق کان مطالبو ڪيو ته بجلي ڏيندڙ ادارن بابت ميڪنزم جوڙيو وڃي شهرين کي عذاب مان ڪڍيو وڃي ان بعد ٺهراءَ منظور ڪيو ويوايم پي اي سعديه جاويدپاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مستحقن لاءِ مراعتن لاءِ اضافي جو پيش ڪيل ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو،سعديه جاويد ڳالهائيندي چيو ته مهانگائي وڌي وئي آهي، ان ڪري مستحقن جي پئسن ۾ اضافو ڪيو وڃي،  ٺهراءَ تي هير سوهو، شبير قريشي، تنزيله، خيرالنساءَ مغل، بلقيس، ماروي راشدي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي شروع ڪيل پروگرام ۾ بهتري آڻي ڪرپشن ختم ڪري عوام کي وڌکان وڌ سهولتون ڏنيون وڃن. ان کان اڳ گهرو کاتي بابت سوالن جا جواب ڏيندي  صوبائي گهرو وزير ضياالحسن لنجار ڪچي جي ڌاڙيلن کي چتاءُ ڏيندي چيو ته ڌاڙيل پوليس وٽ پيش ٿين ٻي صورت ۾ ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪچي ۾ سنڌ پنجاب بلوچستان سان گڏجي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ويندو.  صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ افغانين سان گڏ هتان جا مقامي ماڻهو به اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهن، سنڌ پوليس ۾ هاڻي وڌيڪ 26 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ۾ ڪجهه مهينا لڳي ويندا، هن چيو ته جن ماڻهن جي جان کي خطرو آهي، انهن کي نفري ڏينداسين ٻين کان نفري واپس ورتي ويندي.

 

#Sindhassembly #Loadshedding #Sindhgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.