نيو يارڪ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني لاءِ تيار

نيو يارڪ جو اسٽيڊيم آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ميزباني لاءِ تيار آهي، ايٿليٽ يوسين بولٽ ۽ ليجنڊ ڪرڪيٽرن اسٽيڊيم ڏسڻ لاءِ گرائونڊ پهچي ويا.
اسٽيڊيم جو پهريون نظارو ڏسڻ وارن ۾ پاڪستان جي شعيب ملڪ، انگلينڊ جي ليام پلنڪٽ، ويسٽ انڊيز جي ڪرٽلي ايمبروز، يو ايس اي ٽيم جي ڪوري اينڊرسن ۽ موناڪ پٽيل شامل هئا.
اسپورٽس جي ستارن کي وڏي ڪرڪيٽ بيٽ تي صحيحون ڪيون ۽ اسٽيڊيم جي بهترين پوزيشن تي ويهي گرائونڊ جو نظارو ڪيو.
ستارن جي صحيحون ٿيل بيٽ ٽورنامينٽ دوران گرائونڊ ۾ نمائش لاءِ رکيو ويندو.
ياد رهي ته نيو يارڪ جو نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم پاڪ ڀارت مئچ سميت ورلڊ ڪپ جي 8 مئچن جي ميزباني ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.