190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽِي آءِ باني جي ضمانت منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني جي 190 ملين پائونڊ ڪيس اسڪينڊل ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
عدالت پي ٽي آءِ باني کي 190 ملين پائونڊ نيب ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري گذريل ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو.
عدالت طرفان ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، عدالت مختصر زباني زباني کليل عدالت ۾ ٻڌايو، پي ٽي آءِ باني جي ضمانت بابت تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
عدالت پي ٽي آءِ باني کي 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، هو سائفر ۽ عدت ڪيس ۾ سزا معطلي تائين آزاد نٿو ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.