ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چيو آهي ته اسلام آباد، خيبر پختونخواهه، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي جابلو علائقن ۾ ٻي پهري کانپوءِ تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته پنجاب جي مٿين، وچين علائقن، خيبر پختونخواهه ۾ آنڌاري ۽ کنوڻ سان برسات ٿي.
ڇنڇر تي رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڌيڪ گرمي پد ترتب ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جيڪب آباد، خيرپور ۽ روهڙي ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.