بالي ووڊ جي مشهور اداڪار مٿن چڪرورتي پنهنجي ساٿي ۽ سپر اسٽار اداڪار سلمان خان جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي آهي ته هو ڪڏهن به شادي نه ڪندو.
ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب تازو ئي مٿن چڪرورتي ريئلٽي شو دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته جيڪي شريف، سلمان خان، سنجي دت ۽ اڪشي ڪمار،چارئي اداڪار تمام گهڻو خوبصورت ۽ پرڪشش شخصيت جا مالڪ آهن، پر سلمان خان شادي نه ڪندو.
هن پنهنجي بيان جاري رکندي چيو ته اها ڪهڙي ڇوڪري هوندي جيڪا خوبصورت ۽ مشهور سلمان خان سان شادي کان انڪار ڪندي هوندي.
ياد رهي ته ماضي ۾ سلمان خان ۽ مختلف خوبصورت ڀارتي اداڪارائن جي ڊيٽنگ جون خبرون سامهون اينديون آهن، جن ۾ اداڪارا سنگيتا بجلاڻي، ماڊل گرل شاهين جعفري، اداڪارا ۽ سماجي اڳواڻ سومي علي، اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ اداڪارا ڪترينا ڪيف جا نالا شامل آهن.
Next Post
You might also like