”ڪڻڪ درآمد جو فيصلو وفاق ڪندو آهي، پنجاب حڪومت جو ڪو واسطو نٿو ٺهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪڻڪ درآمد جي معاملي تي ماڻهن جي خواهش آهي ته منهنجي خلاف ڪارروائي ٿئي پر اها خواهش پوري نه ٿيندي، ڪڻڪ درآمد جو فيصلو وفاق ڪندو آهي، پنجاب حڪومت جو ڪو واسطو نٿو ٺهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته پنجاب حڪومت ڪڻڪ هارين کان خريد ڪندي آهي ٻاهرئين ملڪ مان نه، منهنجو ذاتي خيال آهي ته ان معاملي ۾ وفاقي حڪومت جي بدنيتي نه هئي.
واضح رهي ته اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ڪڻڪ جي هٿرادو طلب صوبن پيدا ڪئي، هٿرادو ڊيمانڊ ڪرڻ وارا بيورو ڪريٽ اڄ به صوبن ۾ اهم پوزيشنز تي موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.