آءِ پي ايل ۾ رڪارڊ ٺهڻ جو سلسلو جاري، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ جڙي وئي

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي 17هين ايڊيشن ۾ رڪارڊ ٺهڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته گذريل ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ ٽٽي ويو آهي.
گذريل رات آءِ پي ايل جي ٽيم پنجاب ڪنگز ڪولڪتا نائيٽ رائيدڙز خلاف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ ٺاهي ورتو.
ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل ميچ ۾ پنجاب ڪنگز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ڪولڪتا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 262 رنسن جو جبل جيڏو هدف ٽارگيٽ سيٽي ڪيو.
ڪولڪتا جي فل سالٽ 37 بالن تي 75، سنيل نارائن 32 بالن 71 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي.
262 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي پنجاب ڪنگز ميدن ۾ ڇڪن چوڪن جي برسات ڪري ڏني ۽ گهربل هدف 19 هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي سولائي سان حاصل ڪري عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو.
پنجاب ڪنگز طرفان جوني بئريسٽو 48 بالن تي 108 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته ساڻس گڏ ششناڪ سنگهه 28 بالن تي 68 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
اهڙي ريت ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 260 رنسن کان وڌيڪ جو هدف حاصل ڪيو ويو
ڏکڻ آفريڪا گذريل سال ويسٽ انڊيز خلاف 259 جو هدف حاصل ڪيو هو جڏهن ته 2023ع ۾ ئي مڊل سيڪس سري خلاف 253 جو ٽارگيٽ چيز ڪري ورتو هو.
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ رڳو 26 ڀيرا 260 يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺهي سگهيون آهن، جڏهن ته ست اهڙا ٽوٽل آءِ پي ايل جي هلندڙ سيزن دوران ٺهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.