ميل دوران حراست ۾ ورتل ٻه ڪڪڙ عدالت ۾ پيش

سيوھڻ (رپورٽر) ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپي دوران حراست ۾ ورتل 2 ڪڪڙن کي پراپرٽي طور سيوھڻ جي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته وڪيل نه پهچي سگهيو.
ڪڪڙ عدالتي احاطي ۾ ٻانگون ڏيندا رھيا، جيڪو عمل عدالتي عملي ۽ وڪيل برادري لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل رهيو، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته سيوھڻ جي بندر محلا ۾ 3 مھينا اڳ سرعام ڪڪڙن جي ميل تي سيوھڻ پوليس ڇاپو ھڻي ٻن جوابدارن زوهيب ملاح ۽ سمير سولنگي کي 2 ڪڪڙن سميت گرفتار ڪيو ھو ۽ ٻنھي ڪڪڙن کي ڪيس پراپرٽي ۾ ٿاڻي تي رکيو ھو، جنهن جي ڪالھه تاريخ رکيل ھئي.
ڪڪڙن جي ميل تان گرفتار ڪيل جوابدار ذوھيب ملاح ۽ سمير سولنگي اڳ ئي ضمانت تي آزاد آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.