ملالا يوسفزئي برطانوي ويب سيريز ۾ نظر ايندي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) نوبيل انعام حاصل ڪندڙ پاڪستاني ڄائي برطانوي سماجي ڪارڪن ملالا يوسفزئي بابت سوشل ميڊيا تي خبرون هلن ٿيون ته هوءَ جلد برطانوي ميوزيڪل ويب سيريز ۾ نظر ايندي.

پرڏيهي رپورٽس موجب ملالا يوسفزئي ۽ برطانيا ڄائي ڀارتي ليکڪ ۽ عورتن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ اڳواڻ ميرا سيال برطانوي ميوزيڪل ويب سيريز وي آر دي ليڊي پارٽس ۾ گڏ نظر اينديون.

رپورٽس موجب وي آر ليڊي پارٽس جي ٽيم ٻئي سيزن کي 30 مئي تي ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ٽيم ملالا ۽ ميرا بابت ڪو بيان جاري ناهي ڪيو. انسٽاگرام تي ويب سيريز جي رييلز جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊيڊ لائن موجب ملالا يوسفزئي ۽ ميرا سيال به مختصر ڪردار ۾ نظر اينديون. ميوزيڪل ويب سيريز جو پهريون سيزن 2021 ۾ ريليز ٿيو هو ۽ هاڻي ٻيو سيزن 30 مئي تي ريليز ٿيندو.

رپورٽ موجب ويب سيريز جا سمورا ڪردار مسلمان ڇوڪرين تي هوندا آهن جيڪي مختلف رنگ ۽ نسل جون آهن پر برطانيا ۾ وڏيون ٿيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.