بلاول ڀٽو زرداري، شيري رحمان کي سينيٽ ۾ پارليماني ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شيري رحمان کي سينيٽ ۾ پارليماني ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو.
سينيٽ جي چيئرمين يوسف رضا گيلاني سينيٽر شيري رحمان کي پارليماني ليڊر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته اميد آهي سينيٽر شيري رحمان ايوان جي قانون سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.
هن چيو ته هائوس آف فيڊريشن ملڪ جي مسئلن تي پاليسي سازي لاءِ اهم فورم آهي، سينيٽر پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائيندي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.