شڪارپور پوليس جو ڪچي وارن علائقن ۾ڌاڙيلن خلاف آپريشن، ٺڪاڻن ۽ گھرن کي باھيون

ميان صاحب ( ن ع آ ) شڪارپور پوليس جو گذريل ڏينهن جاڳڻ ۽ جھان واھ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين خدا بخش پنھور، ڊي ايس پي لکي غلام شاھ غلام قادر سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ضلعي جي 15  کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس ۽ بڪتربند گاڏيون ساڻ ڪري مارفاڻي گينگ جي ڏوھارين خلاف آپريشن ڪيو ويو آپريشن دؤران پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي وئي ڏوھارين جي ٺڪاڻن ۽ گھرن کي باھيون ڏئي ساڙيو ويو، ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون موجب جھان واھه، جاڳڻ جي علائقي ۾ مارفاڻي گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو آهي جنھن ۾ پوليس مقابلي دؤران ڪجھ ڏوھاري ٿيا آھن جن کي سندن ساٿي کڻائي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ويا آھن جن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس ناڪابندي ڪري ڇڏي آھي ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس مارفاڻي گينگ جي ٺڪاڻن ۽ گھرن کي باھيون ڏئي تباهھ ڪيو آھي. ھن چيو ته جيستائين ڏوھاري ھٿيار ڦٽا ۽ پاڻ کي قانون حوالي نه ڪندا تيستائين ڏوھارين خلاف آپريشن جاري رھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.