حڪومت کي ٽف ٽائم ملندو ته ڪارڪردگي بهتر ٿيندي: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي حڪومت کي ٽف ٽائم ملندو ته ڪارڪردگي بهتر ٿيندي.
صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته آفيسرن جي مقرري جي معاملي تي وفاق ۽ پنجاب حڪومت ۾ ڪنهن تڪرار کي چاچي ڀائٽي جو تڪرار نٿو سمجهان.
هن چيو ته چونڊن ۾ نگران حڪومت طرفان ڌيان نه ڏيڻ سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿي، جيستائين سنڌ پوليس کي جديد هٿيار نه ملندا امن امان جي صورتحال ٺيڪ نه ٿي سگهندي.
سندس چوڻ هو اسان زراعت تي ڌيان ڏيون ته معاشي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.