فيمينزم معاشري کي تباهه ڪري ڇڏيو: نورا فتيحي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مقبول ڊانسر ۽ اداڪارا نورا فتيحي چيو آهي ته فيمينزم معاشري کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مرد ۽ عورتن کي معاشري کي درست نموني هلائڻ لاءِ پنهنجو روايتي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

نورا فتيحي جو چوڻ هو ته فيمينزم ۾ مرد به پنهنجي مردانگي کان محروم ٿي رهيا آهن ته جيئن هو عورتن سان گڏجي سگهن.

هن چيو ته عورتن جو بنيادي ڪردار ٻارن جي سار سنڀال ۽ گهر جي سار سنڀال آهي ۽ هو پنهنجي حدن ۾ رهندي به پنهنجا خواب پورا ڪري سگهن ٿيون.

اداڪارا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مرد گهر ۾ پيسا آڻين ٿا ته ماءُ عورت طور ٻارن کي پاليندي آهي جيڏهن ٻئي هڪ جهڙو ڪم ڪندا ته معاشرو ڪيئن اڳتي وڌندو؟

هن وڌيڪ چيو ته هاڻي مردن ۾ به اها ڳالهه ناهي رهي، هاڻي اهي عورتون جيڪي شادي ڪرڻ چاهين ٿيون، انهن کي مرد ئي نه پيا ملن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.