فردين خان 14 سالن کانپوءِ شوبز ۾ واپسي تي خيال ونڊيا

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار فردين خان 14 سالن کانپوءِ شوبز انڊسٽري ۾ واپسي تي احساسن جو اظهار ڪندي نيٽ فلڪس جي ويب سيريز ”هيرامنڊي“ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

تازو ويب سيريز هيرا منڊي جي لائچنگ تقريب ۾ اداڪار فردين خان به نظر آيو جتي هن ميڊيا سان ڳالهايو. هن چيو ته 14 سالن جي ڊگهي وقت کان پوءِ اسڪرين تي واپس آيو آهي جنهن لاءِ سنجي ليلا ڀنساليءَ جو ٿورائتو آهي هن کيس ڊگهي وقت  کانپوءِ نيٽ فلڪس جي شاندار پراجيڪٽ ۽ اسٽار ڪاسٽ ۾ شامل ڪيو.

هن ٻڌايو ته اهڙو ڪردار  کيس ڪڏهن ناهي مليو، جنهن عمر ۾ هو اسڪرين تي واپس آيو آهي ان ۾ وسيع تجربي ۽ حڪمت جي ضرورت هوندي آهي، خاص ڪري سنجي ليلا ڀنسالي جهڙن هدايتڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ ڇاڪاڻ ته سندس ڪردار ڳنڀير هوندا آهن.

واضح رهي ته ويب سيريز ”هيرا منڊي: دي ڊائمنڊ بازار“ کي آزادي کان اڳ 1940 جي دور تي درٻارين جي زندگين ۾ محبت ۽ ڌوڪي جي ڪهاڻين کي ڌيکاريو ويو آهي. فردين کانسواءِ ان ۾ سوناڪشي سنها، منيشا ڪوئرالا، اديتيا رائو حيدري، رچا چڍا ۽ سنجيدا شيخ شامل آهن. پهرين مئي تي نيٽ فلڪس تي نشر ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.