سنڌ ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿين ۽ اولهه علائقن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، جنهن تحت سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب سسٽم جي اثر هيٺ 27 مارچ جي رات کان 29 مارچ جي صبح تائين جيڪب آباد، قمبر – شهدادڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سکر، گهوٽڪي، دادو ۽ ڪشمور جي ڪجهه حصن ۾ به برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ خميس تي گرمي پد 34 کان 36، جمعي تي 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.