تربت ڊسٽرڪٽ جيل ۾ نوجوان قيدي آپگهات ڪري ڇڏيو

تربت (ويب ڊيسڪ) تربت جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قتل جي قدم جي ڪيس ۾ قيد نوجوان قيدي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
جيل اختيارين موجب تربت جيل ۾ قيد 24 ورهين جي جهانزيب پنهنجي بيرڪ ۾ پاڻي جي پائپ جي مدد سان ڳچي ۾ ڦاهو وجهي آپگهات ڪيو.
ڪيچ جي علائقي بليده سان واسطو رکندڙ جهانزيب قتل جي قدم جي ڪيس ۾ جيل ۾ هو.
پوليس لاش تربت ٽيچنگ اسپتال ۾ طبي معائني کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.