”اپوزيشن ۾ هوندي اسان سان همدردي ڪندڙ اقتدار ۾ اچي سڀ کان وڌيڪ روئاريندا آهن“

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جو وفاقي جماعتن تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، هر جماعت جڏهن اپوزيشن ۾ هوندي آهي ته اسان کان وڌيڪ بلوچستان سان همدردي ڪندي آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته اميدوار ڀلي پي ٽي آءِ يا ن ليگ جا هجن، اهي وفاقي جماعتن جا آهن، پي ٽي آءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ رابطو ڪيو هو، پي ٽي آءِ کي ٻڌايو ته اسان جي جماعت فيصلو ڪيو آهي ته ووٽنگ ۾ حصو ناهي وٺڻو.
هن چيو ته حڪومتي اتحاد اسان سان رابطو نه ڪيو، نه اسان کي اميد هئي ته رابطو ڪندا، رابطو ڪرڻ سان شايد اقتدار جي ڪرسي لڏڻ لڳي ها، انهن کي رابطو ڪرڻ به نه گهرجي، اهي ووٽن جي معاملي ۾ پاڻڀرا هئا، صدارتي اميدوار جي سپورٽ بابت پارٽي فيصلو ڪندي.
سندس چوڻ هو ته هر جماعت جڏهن اپوزيشن ۾ هوندي آهي ته اسان کان وڌيڪ بلوچستان جي همدرد ٿيندي آهي، جڏهن اهي اقتدار ۾ ايندا آهن ته ٻين کان وڌيڪ اسان جا ڳوڙها وهائيندا آهن.
اختر مينگل چيو جيڪڏهن اختيار نه هجن ته ننڍن صوبن لاءِ وڏا عهدا بي مقصد هوندا آهن، بنا اختيارن جي ڪو به عهدو بي معنيٰ هوندو آهي، ڪهڙي صدارتي اميدوار کي ووٽ ڏيڻو آهي جلد فيصلو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.