جدائي کانپوءِ ثانيا مرزا جي دل جو حال ڪهڙو آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا جي اڳوڻي مڙس شعيب ملڪ پاڪستاني اداڪارا ثنا جاويد سان ٻي شادي ڪري ڇڏي.

شعيب ملڪ جي ٻي شادي جي خبر تي ثنا جاويد کي به مداحن پاران تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

انهن واقعن ثانيه مرزا جي ذهني صحت تي ضرور اثر وڌو، جنهن کي هن مضبوطيءَ سان سنڀاليو.

ثانيه مرزا هاڻي پنهنجي ذاتي زندگي ۾ مصروف ۽ اڪيلي پٽ اذان مرزا ملڪ سان گڏ نظر ايندي آهي.

تازو، ٽينس اسٽار انسٽاگرام تي پنهنجي ذهني حالت بابت هڪ پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن لکيو ته ڪجهه ڏينهن جگنو بڻجي ويندي آهيان، ڪجهه ڏينهن ٽٽل ۽ وکريل رهندي آهيان، گهڻو ڪري ڏينهن جهيڙيندي ۽ وکريل رهندي گذرن ٿا پر هر ڏينهن حالتن کي منهن ڏئي رهي آهيان، بيٺي آهيان ۽ وڙهي رهي آهيان ۽ ڪوشش ڪري رهي آهيان، اها مان (عورت) آهيان.

ان کان اڳ ثانيا مرزا مداحن سان پنهنجي خوبصورت تصوير پڻ شيئر ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.