لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ شعبي بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
گوادر، سربندر، ضلعي ڪيچ، جيوڻي، مڪران جي ساحلي علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن.
متاثرن کي تيار ٿيل کاڌو، صاف پاڻي، خيما، ترپال، جوتا، گرم ڪپڙا فراهم ڪيا ويا جڏهن ته ايمبولينس، ميڊيڪل هيلٿ يونٽ ۽ رضاڪارن جو وڏو انگ متاثرن کي ريسڪيو ۽ رليف فراهم ڪري رهيو آهي.
ٻوڏ ۽ برساتن سبب بي گهر ٿيل متاثر ڪٽنبن کي الخدمت فائونڊيشن طرفان پناهگاهن ۾ محفوظ ڪيو پيو وڃي.
چيئرمين ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اعجاز الله خان ٻڌايو ته 27 فيبروري تي برسات گوادر ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي جنهن سبب ڪيترائي علائقي پاڻي هيٺ اچي ويا.
گوادر، جناح اوينيو جون آباديون پاڻي ۾ ٻڏي ويون جڏهن ته ڪيترائي گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا.
الخدمت فائونڊيسن بلوچستان جي علائقائي ۽ ضلعي ٽيمن سرگرم ٿي رليف ۽ ريسڪيو جي عمل ۾ حصو ورتو آهي.
پاڻي جي نيڪال لاءِ پمپ استعمال ڪيا پيا وڃن.
سندن چوڻ هو ته متاثر علائقن جي فوري ضرورتن، پيئڻ جو پاڻي،، خيما، ترپال، کاڌو، دوائون، پاڻي نيڪال وارا پمپ، جنريٽرز، صحت جون ڪٽس ڏنيون ويون.
سرندي وارا ماڻهو به متاثرن جي امداد لاءِ عطيا فراهم ڪن.