اسان کي ترقي لاءِ ميثاق مدينه پنهنجي نظام ۾ شامل ڪرڻو پوندو: حسن محي الدين قادري

نواب شاهه (پ ر) سنڌ جي يونيورسٽين جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد پاران منھاج القران انٽرنيشنل جي سھڪار سان استادن ۽ شاگردن لاءِ ”ميثاق مدينه ۽ جديد آئيني اصول“ جي عنوان سان گيسٽ اسپيڪر سيشن ڪرايو ويو، جنھن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ڪئي.
عنوان جي حوالي سان ملڪ جي نامور ديني ماھر علامه ڊاڪٽر طاھر القادري جي فرزند، ڊاڪٽر حسن محي الدين قادري، چيئرمين سپريم ڪائونسل آف منھاج القران انٽرنيشنل ويچار ونڊيندي چيو ته رياست مدينه جو آئيني ۽ انتظامي بنياد ميثاق مدينه تي قائم آهي، اهو معاهدو لکت ۾ مديني جي مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيو، جنهن جو مقصد مختلف رنگن، نسلن، عقيدن ۽ مذهبن جي گروهن جي وچ ۾ امن ۽ بقا جو حصول هو.
هن وڌيڪ چيو ته مديني جو آئين دنيا جو سڀ کان پراڻو ۽ پهريون لکيل آئين آهي، جنهن ۾ رياست جي قيام، قوميت، برابري، انصاف، ڪائونسل، آزادي، امن ۽ انساني ڀلائي جهڙا آئيني ضابطا موجود آهن.
سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته مديني جو معاهدو پاڻ سڳورن صه جن جي سياسي، قراردادي ۽ آئيني جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، مديني جو آئين رياست جي اعليٰ خودمختياريءَ جو ثبوت آهي، ان سان گڏ آئين جي مالڪي جو به ثبوت آهي. پاڻ سڳورن صه جن شروع کان ئي پنهنجي قابليت جي بصيرت ۽ حڪمت جي بنياد تي اهڙا قدم کنيا، جن هڪ متفقه آئين جي منظوري لاءِ راهه هموار ڪئي، جنهن کي دنيا ۾ مديني جي معاهدي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ميثاق مدينه، دنيا جو پهريون لکيل آئين هجڻ جي ڪري نه رڳو ممتاز آهي پر پنهنجي موضوع جي لحاظ کان به اعليٰ ترين آئيني خوبين جو مظهر آهي. مديني جي ميثاق جو جيڪڏهن جديد آئيني معيارن ۽ ضابطن جي روشنيءَ ۾ تجزيو ڪيو وڃي ته اهي سڀئي بنيادي خصوصيتون جيڪي مثالي آئين ۾ هجڻ گهرجن، اھي مديني جي عهد ۾ پوري طرح نظر اچن ٿيون.
هن چيو ته اسان کي ميثاق مدينه کي پنھنجي نظام ۾ شامل ڪرڻو پوندو تڏھن ئي اسان ترقي ڪري سگھون ٿا.
ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير، منظور علي سيال، آصف علي زرداري، ڊاڪٽر انيقه ميمڻ، سھيل اسلم خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.