روڊن کي عالمي معيار جوڳو بڻائڻ لاءِ پاڪستان جديد گاڏي حاصل ڪري ورتي

اسلام آباد (پ ر) روڊن جي عالمي معيار موجب تعمير ۽ مرمت يقيني بڻائڻ لاءِ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ڊنمارڪ کان (ليزر ڪريڪ مئيرمينٽ اسڪينر)  LASER CRACK MEASUREMENT SCANNER نالي جديد گاڏي حاصل ڪري ورتي.

اها گاڏي ڊنمارڪ جي سفير جاڪوب لينولف مواصلات واري وفاقي وزير شاهد اشرف تارڙ حوالي ڪئي.
نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي تعمير ۽ مرمت جي حوالي سان سالياني منصوبي تحت مختلف جديد سامان، تعميرات ۽ مشينري جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ٿيل اجلاس جي صدارت شاهد اشرف تارڙ ڪئي.
ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي چيئرمين ارشد مجيد مهمند، ميمبر نسيم خٽڪ ۽ ٻيون اختياريون به موجود هيون، جڏهن ته ڊنمارڪ جي سفير خاص مهمان طور شرڪت ڪري ليزر گاڏي مواصلات وزارت معرفت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي اختيارين حوالي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.