الخدمت فائونڊيشن 2023 ۾ 21 ارب 49 ڪروڙ ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ڪيا: ڊاڪٽر حفيظ الرحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان سال 2023 ۾ 21 ارب 49 ڪروڙ ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ڪيا.
سالياني رپورٽ موجب يتيم ٻارن، شاگردن، مريضن، ايمرجنسي ڊيزاسٽر ۽ ٻين شعبن ۾ ٻه ڪروڙ 5 لک ماڻهن جي خدمت ڪئي وئي، 39 ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سينٽرن ذريعي الخدمت جي 67 هزار رضاڪارن 6 لک 25 هزار متاثرن کي رليف پهچايو، 22 آعوش سينٽرن ۽ گهرن ۾ 29 هزار کان وڌيڪ يتيم ٻارن جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي.
الخدمت فائونڊيشن 5269 حقدار شاگردن کي 436 ملين جي اسڪالرشپ فراهم ڪري چڪي آهي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي شعبي سال دوران 30 هزار 840 متاثر خاندانن کي فوڊ پيڪيج، 8310 کي خيما، قيدين، معذورن، اقليتي برادري سميت ٻين طبقن جي 39 لک 36 هزار ماڻهن کي امداد فراهم ڪئي، الخدمت فائونڊيشن حقدارن کي ڪاروبار لاءِ 14 هزار ماڻهن کي 43 ڪروڙ بنا وياج قرض ڏئي چڪي آهي.
الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان الخدمت رازي اسپتال اسلام آباد جي ڊونر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 7 ارب 50 ڪروڙ رڳو صحت جي شعبي تي ساليانو خرچ ڪري رهيا آهيون، 2023 ۾ 52 اسپتالن، 50 ميڊيڪل سينيٽرن، 113 ڊائگناسٽڪ سينٽرن، 310 ايمبولينس، 54 فارميسي، 1144 ميڊيڪل ڪئمپ ذريعي هڪ ڪروڙ ٻه لک 21 هزار 527 ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون ويون.
هن چيو ته 2022 جي ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙ 70 هزار عورتن کي الخدمت سيف مدر سيف چائلڊ پروگرام ذريعي رجسٽرڊ ڪيو ۽ کين سهولتون فراهم ڪيون ويون، جنهن تي هڪ ارب رپيا خرچ ٿيا، الله جي راهه ۾ خرچ ڪيل مال سان کوٽ نه ٿيندي پر ان کان وڌيڪ ملندو.
ان موقعي تي ميڊيڪل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طاهر فاروق اسپتال جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي هدفن تي شرڪت ڪندڙن کي بريف ڪيو، اسد الله ڀٽو، حزب الله جکرو، عبدالحفيظ بجاراڻي، حامد اطهر ملڪ سميت وڏي انگ ۾ اڳواڻ ۽ ڊونر سالياني ڊونر ڪانفرنس ۾ شريڪ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.