ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن دوران فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن دوران فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي شفيق موڙ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جڏهن ته پراڻي سبزي منڊي ۾ ڪچرا ڪنڊي مان هڪ شخص جو گولي لڳل لاش هٿ آيو.
ڪورنگي ۾ مهراڻ ٽائون ۾ گهر ۾ فائرنگ سان هڪ شخص مارجي ويو، ناظم آباد ۾ گول مارڪيٽ ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص حياتي وڃائي ويٺو.
هوڏانهن کوکرا پار نمبر هڪ ۽ ماڙي پور ۾ فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.