نگران وزيراعظم سمورا ڪم روڪي ڇڏيا، سمريون منظوري بنا واپس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سمورا ڪم روڪيندي منظوري لاءِ پاڻ وٽ آيل سمريون واپس موڪلي ڇڏيون.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چونڊن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ ۽ حڪومت سازي جا مرحلا تقريبن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هاڻ سمورا سرڪاري معاملا روڪي ڇڏيا آهن.
نگران وزيراعظم چيو ته سڀني ڪمن ۽ سمرين تي فيصلو هاڻ ايندڙ حڪومت ڪندي.
هن منظوري لاءِ ايندڙ سموريون سمريون واپس موڪلي ڇڏيون ۽ چيو ته اسان رڳو نئين حڪومت جي حلف برداري جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته اسان نئين حڪومت کي پنهنجي ڪمن ۽ منصوبن جي حوالي سان بريفنگ به ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.