صدر عارف علوي نئين چونڊيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ رنڊڪ بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڃا تائين نه گهرايو.
صدر عارف علوي کي 4 ڏينهن اڳ پارلياماني معاملن واري وزارت سمري موڪلي هئي، صدر اجلاس گهرائڻ جي سمري تي اڃا تائين صحيحون ناهن ڪيون.
ذريعن موجب صدر جو موقف آهي ته ايوان اڃا مڪمل ناهي، ڪجهه مخصوص سيٽن جو فيصلو ٿيڻ باقي آهي.
عارف علوي اڃا تائين سمري منظور يا رد ناهي ڪئي، رڳو زباني موقف سامهون آيو آهي.
نگران وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته آرٽيڪل 91 جي قلم 2 تحت 21 ڏينهن تائين اجلاس گهرائڻ لازمي آهي، صدر اجلاس نٿو گهرائي ته 29 فيبروري تي هر صورت ۾ اجلاس ٿي ويندو ۽ اهو آئين موجب ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.