دادو (ويب ڊيسڪ) پير شاخ ويجهو بااثرن پاران موٽر چوري جي الزام ۾ نوجوان تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو.
بااثرن سجاد پٽ اصغر هاليپوٽو کي ڪپڙن کان آجو ڪري رسن سان ٻڌي ڇڏيو جڏهن ته تشدد سبب نوجوان مرڻينگ ٿي ويو.
واقعي جي اين سي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
متاثر سجاد هاليپوٽو چيو ته ڀنڊ برادري جي بااثرن الزام هڻي تشدد جو نشانو بڻايو، ساڻس انصاف ڪيو وڃي.