اسپين ۾ رهائشي عمارت ۾ خوفناڪ باهه، 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين جي شهر ويلينسيا ۾ 14 ماڙ رهائشي عمارت ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين جي اوڀر علائقي جي بندرگاهي شهر ويلينسيا ۾ عمارت ۾ خوفناڪ باهه لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زخمين ۾ هڪ ٻار ۽ 6 فائر فائيٽر به شامل آهن، اپارٽمينٽ جي گيلرين مان ماڻهن کي ريسڪيو ويو، جڏهن ته 19 ڄڻا گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.