فوري جوڳا اپاءِ نه ورتا ويا ته، صحت واري عالمي اداري خبردار ڪري ڇڏيو

جنيوا ( ويب ڊيسڪ ) صحت واري عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا ته سال جي آخر تائين دنيا جي اڌ کان وڌيڪ ملڪن کي ارڙي جي وبا جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.
جنيوا ۾ پريس بريفنگ دوران ڊبليو ايڇ او جي سينيئر صلاحڪار ٻڌايو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلندڙ سال ماڻهن کي ارڙي کان بچاءُ جا ٽڪا ناهن لڳايا ويا.
هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڄاڻايل علائقن ۾ جلد ويڪسين نه پهچائي ته انهن علائقن ۾ ارڙي جي وبا پکڙجڻ جو خدشو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.