اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گيلپ پاڪستان عوامي راءِ تي ٻڌل نئين سروي جاري ڪري ڇڏي.
سروي موجب 47 سيڪڙو پاڪستانين ملڪي معيشت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 10 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ ملڪي معيشت وڌيڪ خراب ٿي ۽ پاڪستان معاشي طور ڪمزور ٿيو آهي.
29 سيڪڙو ملڪي معيشت جي ترقي جي دعويٰ ڪئي ۽ ملڪ کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ ترقي يافتا قرار ڏنو.
سروي ۾ 15 سيڪڙو ماڻهن ملڪي معيشت ۾ ڪو فرق نه اچڻ جو چيو ۽ راءِ ڏني ته معيشت جيئن 10 سال اڳ هئي، هاڻ به اهڙي ئي آهي.
You might also like