نئون چونڊيل آزاد اميدوار پ پ ۾ شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 238 تان ڪامياب آزاد اميدوار انعام باري پ پ ۾ شامل ٿي ويو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ پي پي 238 بهاول نگر تان چونڊيل آزاد پنجاب اسيمبلي ميمبر پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
ان موقعي تي پ پ ڏکڻ پنجاب جو صدر مخدوم احمد محمود به موجود هو.
واضح رهي ته عام چونڊن ۾ انعام باري 54500 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته ن ليگ اميدوار سيد محمود شاهه 48401 ووٽ کنيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.