جي ڊي اي جو ڪراچي ۾ احتجاجي جلسو ڪرڻ جو اعلان

مورو (ويب ڊيسڪ) ڊي جي اي عام چونڊن جي نتيجن خلاف 23 فيبروري تي ڪراچي ۾ جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
موري ۾ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي پير صدرالدين شاهه راشدي چيو ته منشين ۽ انهن جي ٻارن کي پولنگ اسٽيشن تي لڳايو ويو، چونڊن ۾ عوام جي قيمتي ووٽن تي ڌاڙو هنيو ويو.
هن چيو ته اليڪشن جي رات لاڳاپيل اسٽاف کي هٽايو ويو، اسان پنهنجي قيمتي ووٽن کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته آخر تائين جي ڊي اي جي ساٿين سان گڏ هلندو رهندس، ملڪ کائيندڙن جو نيب احتساب ڪري.
پير پاڳاري چيو ته فارم 45 جي جاچ ڪئي وڃي، ڌانڌلي خلاف احتجاج جو حق رکون ٿا، 23 فيبروري تي ڪراچي ۾ جلسو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.