آڊيو ليڪس ڪيس: عدالتي حڪم باوجود سينيئر آفيسر پيش نه ٿيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آڊيو ليڪس ڪيس ۾ عدالتي حڪم باوجود اعليٰ آفيسر پيش نه ٿيا، جنهن تي هاءِ ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ ۽ بشريٰ بي بي جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت پي ٽي اي چيئرمين، پيمرا چيئرمين، ڊي جي آءِ بي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جسٽس بابر ستار چيو ته ڇو نه انهن آفيسرن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن؟ انهن آفيسرن پاڻ ڪيئن فيصلو ڪيو ته اهي عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهن.
پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڊي جي ايف آءِ اي بيمار آهي، پيش نه ٿي سگهيو، ڊي جي آءِ بي بدران ڊپٽي ڊي جي پيش ٿيو.
جسٽس بابر ستار چيو ته جيڪي آفيسر بيمار آهن، اهي ايندڙ ٻڌڻي تي ميڊيڪل رپورٽون پيش ڪن.
ايف آءِ اي طرفان ڊائريڪٽر وقار الدين سيد عدالت ۾ پيش ٿيو.
واضح رهي ته عدالت آڊيو ليڪس ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي اي، چيئرمين پيمرا، ڊي جي آءِ بي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي طلب ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.