گم ٿيل شاگردن جو ڪيس، لڳي ٿو حڪومت قانون جي بالادستي ۾ دلچپسي نٿي رکي: عدالت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گم ٿيل بلوچ شاگردن جي آزادي جي ڪيس ۾ نگران وزيراعظم جي سڀاڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طلبي جو لکت حڪم نامو جاري ڪيو ويو.
لکت حڪم نامي موجب وزيراعظم ۽ گهرو وزير، انساني حقن ۽ بچاءَ وارو وزير سڀاڻي 10 وڳي پيش ٿين، جڏهن ته لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري به ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گذريل ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪيو.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل جي گذريل ٻڌڻي تي خاطري باوجود گم ٿيل بلوچ شاگردن کي آزاد نه ڪرايو ويو، ائين لڳي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت قانون جي بالادستي ۾ دلچپسي نٿي رکي، جڏهن ته وزيراعظم، گهرو وزير، بچاءَ واري وزير ۽ سيڪريٽرين عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ڪيو، عدالت وٽ وضاحت کانسواءِ ڪو آپشن نه بچيو.
حڪم نامي موجب سڀئي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي ٻڌائين ته اعليٰ ترين عهدن تي ويهي بلوچ شاگردن کي آزاد نه ڪرائڻ تي انهن خلاف ايڪشن ڇو ته ورتو وڃي، اهو پهلو مس ڪنڊڪٽ جو آهي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته اهي عهديدار معاشري خلاف ڏوهه ۾ شريڪ ڪار آهي، جتي شهرين کي زندگي ۽ آزادي جي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي، هيءَ عدالت وڏي واضح آهي ته ان معاملي تي ٻه ئي صورتون ٿي سگهن ٿيون، مسنگ پرسنز جيڪڏهن ڪنهن دهشتگردي جي ڪارروائي يا ڪنهن ٻئي ڏوهه ۾ ملوث هجن ته کين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
عدالتي حڪم نامي موجب انهن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ قانون موجب فيصلا ٿيڻ ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.