آغا خان يونيورسٽي ڪانووڪيشن، ڪاميابي جو وڌيڪ هڪ تاريخي سال مڪمل

ڪراچي (پ ر) آغا خان يونيورسٽي مان گريجوئيشن جي تقريبن ۾ چئن ملڪن جي 730 کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو، جتي پرنسس زهرا آغا خان ۽ ٻين معززين شرڪت ڪئي ۽ سڄي دنيا ۾ يونيورسٽين هنن تقريبن کي آن لائن ڏٺو.

پرنسس زهرا آغا خان، جنهن آغا خان يونيورسٽي جي باني ۽ چانسلر، هز هائينس دي آغا خان طرفان ڳالهائيندي چيو ته ”گريجوئيشن ڪرڻ بعد اوهان هڪ اهڙي دنيا ۾ واپس اچي ويندا آهيو جيڪا ڏکيائين سان ڀريل هجڻ سان گڏوگڏ اڻ ڳڻين امڪانن سان به ڀرپور آهي. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن کي گهرجي ته هو جوش، حوصلي ۽ اميد سان اڳتي وڌندا رهن ۽ اهڙا موقعا پيدا ڪن جو اوهان کي پنهنجي معاشري جي خدمت ۽ ان کي پرامن بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪن.“

ان موقعي تي باني ڪرن فائونڊيشن، سبينا کتري خاص مهمان طور شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون ورهايون. سڄي پاڪستان ۾ 391 شاگردن گريجوئيشن ڪئي جن ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون شامل آهن جن نرسنگ، ميڊيسن ۽ ايجوڪيشن ۾ پنهنجي گريجوئيشن کي مڪمل ڪيو.

ان موقعي تي خاص مهمان چيو ته ”مان اوهان جي تعليمي مهارتن مان پراميد آهيان ۽ مون کي يقين آهي ته ڪاميابين جي ڊوڙ ۾ اوهان مون کان به اڳتي نڪرڻ جي صلاحيت رکو ٿا ۽ مان هز هائينس دي آغا خان جا به ٿورا مڃڻ چاهينديس جو هن اڻ ڳڻين نوجوانن جن ۾ آغا خان اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ ڪرن ۽ حبيب جهڙا آغا خان يونيورسٽي ايگزامينيشن بورڊ سان واڳيل شاگردن کي سندن صلاحيتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.“  هن وڌيڪ چييو ته ”شاگرد پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي آغا خان يونيورسٽي ۾ تعليمي سرگرمين دوران علم سکڻ سان گڏوگڏ ٻيون تعليمي ڪاميابيون حاصل ڪندا.“

پرنسس زهرا آغا خان آغا خان يونيورسٽي جي باني ۽ چانسلر، هز هائينس دي آغا خان طرفان ڳالهائيندي چيو ته ”گريجوئيشن بعد اوهان هڪ اهڙي دنيا ڏانهن واپس اچي ويندا آهيو جيڪا ڏکيائين سان گڏوگڏ امڪانن سان ڀرپور آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”شاگردن کي گهرجي ته اهي جوش، حوصلي ۽ اميد سان اهڙا موقعا پيدا ڪن جو سندن لاءِ پنهنجي معاشري جي خدمت ۽ ان کي وڌيڪ پرامن بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.“

پرنسس زهرا چيو ته ”اسان کي اميد آهي ته هي نوان ۽ جاري پروگرامز ۽ سهولتون آغا خان يونيورسٽي کي ليڊرز ي تعليم، لاڳاپيل تخليقي علم، عالمي معيار جي تعليم ۽ صحت جي سار سنڀال جي فراهمي لاءِ هڪ طاقتور پليٽ فارم بڻائيندا.“

ان موقعي تي سليمان شهاب الدين، صدر آغا خان يونيورسٽي گريجوئيٽس کي خطاب ۾ چيو ته ”گريجوئيٽس لاءِ هي هڪ فخر جو وقت آهي ته يونيورسٽي پنهنجي قيام کان وٺي هن وقت تائين تقريبن 20،000 ڊپلوما، ڊگريون ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽس سان شاگردن کي نوازيو آهي. هن يونيورسٽي جي مستقبل جي منصوبن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ پنجن سالن جي اسٽريٽجڪ پلان موجب ڊيٽا سائنس کان ويندي استادن جي تعليم تائين جي شعبن ۾ هڪ درجن تائين نان ڊگري پروگرام جن ۾ دماغي صحت، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ تحقيقي صلاحيت کي وڌائڻ، آغا خان يونيورسٽي جي صحت جي نظام کي هٿي ڏيڻ، اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ سرڪاري ۽ نجي ادارن سان يونيورسٽي جي ڀائيواري کي گهاٽو ڪرڻ ۽ مشهور عالمي تنظيمن سان تعليمي ۽ صحت جي سار سنڀال جي منظوري وغيره شامل آهن.“

هن وڌيڪ چيو ته ”هز هائينس دي آغا خان جو ويزن اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو آهي ۽ اسان کي جرئت منداڻا فيصلا ڪرڻ جي طاقت ڏيندو آهي جنهن سان اسان هن تحريڪ کي جدت ۽ م عيار سان اڳتي وڌائي سگهون، آغا خان يونيورسٽي هز هائينس دي آغا خان جي ڪري گذريل چئن ڏهاڪن کان ڪاميابين جي سفر ڏانهن وڌي رهي آهي.“

اسڪول آف نرسنگ اينڊ مڊوائفري زهرا امان الله کي سڀ کان وڌيڪ مجموعي گريڊ پوائنٽ حاصل ڪرڻ تي شاندار گريجوئيٽ ۽ نرسنگ پريڪٽس ايوارڊ سان نوازيو.

ميڊيڪل ڪاليج بيچلر آف ميڊيسن، بيچلرز آف سرجري پروگرام جي گريجوئيٽ کي پنهنجو 13هون ميڊل ڏنو. عليزا پرويز هاشمي فائنل امتحان سميت 4 تصديقي امتحانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ۾ ٽاپ اسڪور حاصل ڪرڻ تي ميڊل حاصل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.