ڀارت خلاف ٽئين ٽيسٽ: انگلينڊ 207 رنز ٺاهي ورتيون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٽئين ميچ ڀارت جي ڊاڪٽر واءِ ايس راجاسيکرا ريڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، وساڪاپاتنام ۾ جاري آهي.

هن ميچ جي شروعات ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهرئين اننگز ۾ 396 رنز ٺاهيون.

انگلينڊ طرفان جيمز اينڊرسن 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڀارت جي اننگز کانپوءِ انگلينڊ جي اننگز هلي رهي آهي ۽ ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي انگلينڊ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنز ٺاهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.