جواني جي دوا ٺاهڻ لاءِ گڏهن کي مارڻ ۾ تيزي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چين ۾ هڪ روايتي دوا جي تياري لاءِ هر سال لکين گڏهن کي ماريو ويندو آهي. هن دوا کي ايجيائو چوندا آهن ۽ اها دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته اها صحت، خوبصورتي ۽ جواني کي برقرار رکڻ ۾ مددگار آهي.

هن دوا جي تياري لاءِ گڏهن جي کل لاهي اٻاري پائوڊر، گوريون ۽ پاڻياٺ ٺاهيو ويندو آهي، ان جي گهرج ۽ اگهه ٻنهي ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

ان ڪاروبار خلاف مهم هلائيندڙن جو چوڻ آهي ته گڏهن جي وڌيڪ واپار سبب انهن جي آبادي خطري ۾ اچي رهي آهي، گڏهن جي چوري ۽ مرڻ جا واقعا وڌي ويا آهن، آفريقي ملڪن ۾ ماڻهو گڏهن تي ڀاڙين ٿا، انهن کانسواءِ سندن زندگي ڏکي بڻجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.