ڪپل شرما ڪهڙي پاڪستاني يوٽيوبر سان شو ڪندو؟ تفصيل اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور يوٽيوبر 7 پرينڪ اسٽار نادر علي دعويٰ ڪئي آهي ته مشهور ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما ساڻس ڪم ڪرڻ چاهي ٿو، ان حوالي سان هن هڪ وڊيو به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ڪپل شرما ۽ نادر علي ڳالهائيندي نظر اچن ٿا.

يوٽيوبر نادر علي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي ٻڌايو ته ڪپل ڀائي جلد لاهور اچي رهيو آهي.

فون ڪال دوران ڪپل شرما کي نادر علي چيو ته مان اوهان کي پسند ڪريان ٿو، هاڻي اوهان جا شوز ڏسي رهيو آهيان، اوهان سٺو ڳالهايو ٿا ۽ شو ڪريو ٿا، مان چاهيان ٿو ته اسان سان به شو ڪريو دبئي ۾.

ان تي ڪپل شرما چيو ته منهنجو واسطو امرتسر سان آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته اوهان جو واسطو به لاهور سان آهي، منهنجا ابا ڏاڏا لاهور جا هئا، پيءُ 1915 ۾ امرتسر ۾ پيدا ٿيو، مان اوهان کي پسند ڪريان ٿو، ڪنهن ڏينهن دبئي ۾ ملنداسين، جنهن تي نادر علي چيو ته لازمي ڪپل ڀائي، اها ته ڪا چوڻ جي ڳالهه ئي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.