ڄامشورو: چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف جي ڊي اي جي ڌرڻي جون تياريون مڪمل

ڄامشورو: عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف سڀاڻي جي ڊي اي جي رٿيل ڌرڻي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، ڄامشورو ۾ اين نائن موٽروي تي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ سانگهڙ، کپرو، ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ سميت ٻين شهرن مان قافلا پهچڻ شروع ٿي ويا آهن جتي حر جماعت جي ڪارڪنن جو جوش ۽ جذبو عروج تي آهي.

حر جماعت جي ڪارڪنن پاران ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن.

ڌرڻي واري هنڌ پهتل حر مجاهدن ۽ جي ڊي اي اڳواڻن عوامي آواز کي ٻڌايو ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، پير پاڳاري جي حڪم تي ڌرڻو سالن تائين هڻڻو پيو تڏهن به هڻنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.