پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن پاران ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ڪانفرنس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نوجوان نسل کي هٿيار بڻائڻ، سڄي ملڪ ۾ تعليمي معيشت جي جوڙجڪ ۽ نجي اسڪولن جي تبديلي جو جائزو وٺڻ لاءِ آل پرائيويٽ اسڪولز فيدريشن پاران ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ قومي ڪانفرنس ڪرائي وئي.

ڪانفرنس ۾ تعليمي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستان جي مستقبل کي نوجوان نسل ذريعي سنوارڻ لاءِ ٻه پينل ٺاهيا ويا. پهرئين پينل ۾ ڪاشف مرزا تعليم بابت سيڪريٽري، حڪومت سنڌ، صدر اي پي پي ايس ايف ڊاڪٽر فوزيا خان چيف ايڊوائزر، ڪريڪيولم ايس ايڇ اين ڊ ايل ڊي سنڌ مسٽر راءِ اينڊ سن، سينيئر ايجوڪيشن ايڊوائزر ۽ رائيٽر يو ڪي منور علي مٺاڻي، ايم ڊي اسٽيويٽا، نذر بڙي، يو ايس اختر آرائين صدر اي پي پي ايس ايف ۽ ٻين خيالن جو اظهار ڪيو.

ڪانفرنس جي حوالي سان ويچار ونڊيندي سندن چوڻ هو ته پاڪستان ۾ تعليمي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اي پي پي ايس ايف جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، نجي تعليمي ادارا اڄوڪي دور جي ضرورت آهن ۽ حڪومتي سطح تي به ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. اي پي پي ايس ايف جي ڪانفرنس عالمي ڪانفرنس آهي جنهن ۾ معزز مهمانن شرڪت ڪئي ۽ ملڪ جي تعليمي نظام جي حوالي سان ڳالهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.