بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ نه هيس، باجوا جي چوڻ تي آندي وئي: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف بي اعتمادي رٿ جنرل (ر) باجوا جي چوڻ تي آندي وئي، بي اعتمادي وقت جنرل (ر) باجوا ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد رابطي ۾ هئا.
نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مان بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ نه هيس، مان چاهيو پئي ته تحريڪ ذريعي ان وقت جي حڪومت هٽائي وڃي، فيض حميد مون وٽ آيو ۽ چيائين ته جيڪو ڪرڻو اٿوَ سسٽم اندر رهي ڪيو.
هن چيو بي اعتمادي کان انڪار ڪيان ها ته چيو وڃي ها مان پي ٽي آءِ باني کي بچايو، ڌانڌلي 2018 ۾ به ٿي هئي ۽ هاڻ به ٿي آهي، ظاهري طور چونڊن ۾ ڌانڌلي جو فائدو ن ليگ کي ٿيو، هاڻ فيصلا ايوان نه ميدان ۾ ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ اختلافن باوجود اسان گڏ هلي رهيا هئاسين، اسان اڳ به ن ليگ کي سپورٽ ڪيو هو ۽ اڳتي به ڪيون ها، اسان ته پارليامينٽ ۾ خدشن سان وڃي رهيا آهيون، اسان حڪومت سازي جو حصو ناهيون نه ته ن ليگ کي سپورٽ ڪيون ها.
فضل الرحمان چيو جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي شفاف چونڊون ٿيون ته 9 مئي جو بيانيو دفن ٿي ويو، پوءِ ڇا ماڻهن غدارن کي ووٽ ڏنو؟
جي يو آءِ سربراهه چيو ته منهنجو اصل مسئلو ۽ دعويٰ ته اسٽيبلشمينٽ تي آهي، اهڙي حڪومت ٺاهڻ کي ڪامياب حڪمت عملي نٿو سمجهان، حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو اٿوَ ته نتيجن جا ذميوار پاڻ هوندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.