پي ٽي آءِ جي وزارت عظميٰ لاءِ نامزد اميدوار عمر ايوب جو اهم بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ وزارت عظميٰ جي چونڊ وڙهنداسين ۽ کٽينداسين.
پي ٽي آءِ طرفان وزارت عظميٰ لاءِ نامزد اميدوار عمر ايوب چيو ته اسان عام چونڊن ۾ 180 سيٽن سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف وزارت عظميٰ جي چونڊ وڙهندي ۽ کٽيندي.
هن چيو ته اسان پنهنجو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پي ٽي آءِ باني طرفان وزارت عظميٰ لاءِ نامزد ڪرڻ تي خوش آهيان.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني، پارٽي ميمبرن ۽ عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس، پي ٽي آءِ جماعت طور ادارن جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪندي، ملڪي معيشت کي بهتر ڪنداسين ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.