مستحڪم جمهوري حڪومت وقت جي اهم ضرورت آهي: پ پ ۽ ن ليگ ۾ اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ۽ ن ليگ هم خيال سياسي جماعتن سان مشاورت کانپوءِ حڪومت سازي جي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪري ورتو.
اسلام آباد ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان ن ليگ ۽ پ پ جي نامزد نمائندن جي مشاورتي اجلاس جي پڌرائي سامهون اچي وئي.
پڌرائيءَ موجب مشاورتي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته هڪ مستحڪم جمهوري حڪومت وقت جي اهم ضرورت آهي، ملڪ جي معاشي ۽ سياسي چئلينجن جو حل مستحڪم جمهوري حڪومت آهي.
اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته امن امان ۽ دهشتگردي جهڙن چئلينجن جو حل مستحڪم جمهوري حڪومت آهي، عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ مستحڪم حڪومت جي ضرورت آهي.
پڌرائيءَ موجب مشاورتي اجلاس ۾ ٻنهي جماعتن جي نمائندن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، ن ليگ ۽ پ پ جي نامزد اميدوارن جو اجلاس سڀاڻي ٻيهر ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.