لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق طرفان امارت تان استعيفيٰ کانپوءِ مارچ مهيني ۾ نئين امير جي چونڊ ڪئي ويندي.
سراج الحق طرفان استعيفيٰ کانپوءِ حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جو نئون امير بڻجڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته سراج الحق پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ڪوشش ۽ محنت باوجود چونڊن ۾ گهربل ڪاميابي نه ڏياري سگهيس، چونڊن ۾ ناڪامي قبول ڪندي جماعت اسلامي جي امير طور استعيفيٰ ٿو ڏيان.
جماعت اسلامي ترجمان موجب سيڪريٽري جنرل امير العظيم شوريٰ جو اجلاس 17 فيبروري تي منصوره ۾ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ سراج الحق جي استعيفيٰ کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن جماعت اسلامي جي اليڪشن ڪميشن جي صدر نئين امير جي چونڊ ۽ ميمبرن جي رهنمائي لاءِ 3 نالن جو اعلان به ڪيو هو.
ترجمان موجب جماعت اسلامي جي نئين امير لاءِ اعلانيل 3 نالن ۾ سراج الحق، لياقت بلوچ ۽ حافظ نعيم الرحمان شامل آهن، ميمبر انهن ٽنهي کانسواءِ به ڪو ميمبر امير جي عهدي تي چونڊڻ لاءِ پنهنجي راءِ ڏئي سگهن ٿا.
ترجمان چيو هو ته جماعت جي امير جي چونڊ جو سمورو مرحلو 31 مارچ 2023 تائين مڪمل ڪيو ويندو، اپريل ۾ نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.
ترجمان موجب جماعت اسلامي جي دستور موجب هر سطح تي باقاعدگي سان چونڊ ٿيندي آهي، امير جي چونڊ هر 5 سالن کانپوءِ دستور موجب ٿيندي آهي.
Next Post
You might also like