عام چونڊن جي نتيجن خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪنڌڪوٽ ۾ ٻئي ڏينهن به آر او آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي قاري ڪفايت الله کوسو ۽ ظريت بجاراڻي ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪندڙن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين اصل نتيجا نه ڏنا ويندا، تيستائين پرامن احتجاج جاري رهندو.