نواز شريف پاسي تي ٿي ويو، پ پ به وزارت عظميٰ وٺڻ کان لنوائڻ لڳي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن کانپوءِ سياسي جماعتن ۽ آزاد اميدوارن جي پارٽي پوزيشن واضح ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ حڪومت سازي لاءِ جوڙ ٽوڙ جو سلسلو جاري آهي.
حڪومت سازي جي معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ ۾ ملاقاتون به ٿي چڪيون آهن ۽ ذريعا چون ٿا ته پ پ بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ زور ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ن ليگ پنهنجو وزيراعظم آڻڻ چاهي ٿي.
پر صحافي نصرت جاويد دعويٰ ڪئي آهي ته پ پ ۽ ن ليگ ٻئي وزارت عظميٰ نه ٿيون وٺڻ چاهين.
پ پ ۽ ن ليگ قيادت چئي رهي آهي ته اسان ڦاسي پيا آهيون، وفاقي ۽ صوبائي وزارتون ورهائڻ گهرجن.
نواز شريف هيل تائين وزارت عظميٰ وٺڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي، هو اڃا تائين ڪنهن سان ناهي مليو، رڳو آصف علي زرداري جهڙي قدرآور شخصيت اچي ته ملاقات لاءِ ويهي ٿو رهي، ڇو ته ان سان ويهڻ مجبوري بڻجي ويندي آهي، نه ته مريم نواز، اسحاق ڊار ۽ شهباز شريف سمورا معاملا ڏسي رهيا آهن.
نواز شريف غير سياسي شخصيتن سان ته صفا ملڻ نٿو چاهي، ان جو عملي طور رويو اهو آهي ته مون کي ڇو گهرايو ويو، هو وڏين ڪوششن سان ڪنهن ميٽنگ لاءِ راضي ٿئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.