ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسم جي صورتحال ٻڌائيندڙ نجي ڪمپني ”پاڪ ويدر“ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته فيبروري جي آخري هفتي ۾ ٻه کان ٽي طاقتور ويسٽرن سسٽم ملڪ ۾ داخل ٿيندا.
پاڪ ويدر موجب اهي سسٽم سنڌ کان ڪشمير تائين برساتن جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي برفباري به ٿيندي.
موسميات کاتي طرفان به هلندڙ مهيني مختلف علائقن ۾ وچولي درجي جي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جيڪا ڪوهيڙي جي خاتمي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.
You might also like